ڊيسڪ ٽاپ تي واٽس ايپ استعمال ڪندڙن لاءِ سٺي خبر

لنڊن: فيس بڪ جي ملڪيٽ ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ صارفين لاءِ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو آهي.
واٽس ايپ جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو پاران ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي ته هاڻ سمورن صارفين لاءِ ڊيسڪ ٽاپ تي به واٽس ايپ وائس اوور ۽ وڊيو ڪال موجود آهي.
صارفين کي واٽس ايپ جي ڊيسڪ ٽاپ ويزن بابت نئين فيچر کان آگاهه ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ پاران اسٽيٽس اپ ڊيٽ جاري ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل مهيني واٽس ايپ تصديق ڪئي هئي ته واٽس ايپ پاران جلد ئي ڊيسڪ ٽاپ ويزن تي وائس اوور ۽ وڊيو ڪالز فيچر متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔