آمريڪا ٽرمپ طرفان معطل ڪيل فلسطينين جي امداد بحال ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن جي حڪومت فلسطيني انتظاميا لاءِ ٽرمپ دور ۾ معطل ڪيل امداد بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب 235 ملين ڊالرن جي امداد ۾ غزا ۽ اولهه اردن ۾ تعمير ۽ ترقي جا منصوبا شامل هوندا.
ان کان اڳ آمريڪا ۾ نئين حڪومت فلسطنين کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 15 ملين ڊالرن جي امداد فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو.
گڏيل قومن ۽ فلسطيني انتظاميا امداد جي بحالي جي آجيان ڪئي آهي پر آمريڪي ڪانگريس ۾ اسرائيل جي حامي ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔