وزيراعظم سان روسي پرڏيهي وزير جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان روسي پرڏيهي وزير سرگني لاروف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ بطرفن لاڳاپن، خطي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان تڪرار جي سياسي حل تي زور ڏنو. وزيراعظم افغان امن عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. روسي پرڏيهي وزير سرگني لاروف سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان روس سان وڌندڙ لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. پاڪ روس لاڳاپا پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي ترجيحات ۾ شامل آهن. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام به اماڻيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ روسي صدر سان ملاقات جو ذڪر به ڪيو. بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع جي شعبن ۾ پاڪ روس لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نارٿ، سائوٿ گيس پائپ لائن پراجيڪٽ تي جلد ڪم ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔