2018ع جي امتحان ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ وارو معاملو: فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊائريڪٽر ليگل کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو 2018ع واري امتحان ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ بابت درخواست تي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊائريڪٽر ليگل کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي نمائندن ٻڌايو ته پيپر ليڪ ٿيڻ بابت ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن جا تفصيل ايف آءِ اي کان طلب ڪري سگهجن ٿا، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جن ماڻهن پيپر ليڪ ٿيڻ جو فائدو ورتو، ڇا انهن کي ڇڏيو ويو؟، ڇا امتحان ٻيهر ورتو ويندو؟، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جَي نمائندي جواب ڏنو ته ٻيهر امتحان نه ورتو ويندو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔