سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا تحت 564 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي : سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا تحت 564 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه چيو آهي ته سال 2019 کان هيل تائين فوتي ڪوٽا تحت 5 هزار 327 نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 207، صحت کاتي ۾ 79، آبپاشي ۾ 37 ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ 60 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 34، زراعت ۾ 35، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 8، خوراڪ کاتي ۾ 8 ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ 9  نوڪرين جي منظوري ڏني وئي، چيف سيڪريٽري طرفان اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي کين پگهارون به ڏيڻ جي هدايت، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کان ڊي آر سي بابت رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔