تعليمي ادارا کليل رهندا يا بند، اين سي او سي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد:ڪورونا وبا جي ٽئين لهر سبب تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جاري رکڻ بابت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جو اجلاس اڄ ٿيندو.

رپورٽ موجب اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي تعليم وارن وزيرن سميت صحت جا وزير به شرڪت ڪندا ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي. اجلاس ۾ امتحانن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب اسلام آباد جي صحت کاتي طرفان تعليمي ادارن کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن بند رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسز گهٽ ٿيڻ تائين تعليمي ادارن کي نه کوليو وڃي.

اسلام آباد ۾ هن وقت ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح به وڌيڪ آهي. تعليم وارو وفاقي وزير چئي چڪو آهي ته جيڪو فيصلو ٿيندو اهو تعليم ۽ صحت جون اختياريون ۽ (اين سي او سي) جو گڏيل فيصلو هوندو. ان کان علاوه اجلاس ۾ رمضان دوران ايس او پيز جو ه جائزو ورتو ويندو. رمضان ايس او پيز تي علمائن جي تجويزن جي روسني ۾ جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔