سنڌ جي تجويز رد، مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، محدود ڪاروبار جاري رکنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم  عمران خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻن هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني پر اسان  ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نٿا لڳائي سگهون.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون طرف نٿا وڃي سگهون. ان ڪري ايس او پيز ۾  ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.

هن چيو ته سنڌ  حڪومت ٻن هفتن جي لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني پر اسان مڪمل لاڪ ڊائون طرف نٿا وڃي سگهون. مڪمل لاڪ ڊائون سان ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو متاثر ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي برقرار رهندي. اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اڳ به ڪامياب رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔