سنڌ هاءِ ڪورٽ، وفاقي حڪومت کي هفتي اندر ڪورونا وئڪسين جي قيمت مقررڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، وفاقي حڪومت کي هفتي اندر ڪورونا وئڪسين (اسپنٽيڪ فائيو) جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت پرڏيهه مان وئڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏني پر هاڻ قيمت مقرر نه پئي ڪري نه وري وڪرو ڪرڻ ٿا ڏين، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جيستائين انسپيڪٽر صحيح نٿو ڪري، وئڪسين مارڪيٽ ۾ وڪرو نٿي ڪري سگهجي، ڊريپ جي وڪيل چيو ته وفاقي ڪابينا وئڪسين جي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني، جسٽس امجد علي سهتو چيو ته غلط ڪم ڊريپ ڪري رهي آهي، جنهن پرڏيهه مان وئڪسين گهرائي آهي اُهو وڪرو به ته ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔