ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستاني دٻاءُ سبب ڀارت گوڏا کوڙي ڇڏيا

لاهور: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم، آفيشلز، ميڊيا ۽ شوقينن کي ويزا جون اميدون پيدا ٿي ويون آهن.
آءِ سي سي بورڊ جو 2 ڏينهن وارو ورچوئل اجلاس سڀاڻي ۽ پهرين اپريل تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي احسان ماني ڪندو، ذريعن موجب ان موقعي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ عملدار آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم لاءِ سيڪيورٽي، ويزه ۽ حڪومتي اجازتنامي سميت ٻين اهم معاملن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندا.
پي سي بي پهريان ئي آءِ سي سي تي واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستاني ٽيم صرف ان صورت ۾ ڀارت وڃي کيڏندي جڏهن ويز ا ۽ سيڪيورٽي جو يقين ڏياريو ويندو، هاڻ بي سي سي آءِ دٻاءَ هيٺ اچي ويو آهي ۽ ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
اطلاع موجب ڀارتي بورڊ پنهنجي حڪومت کان ويزا ۽ سيڪيورٽي جي اجازت وٺي چڪو آهي، بورڊ جي اجلاس ۾ ان جو باقاعده اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔