افغان مسئلي کي طاقت ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي: شاهه محمود قريشي

دوشنبي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مسئلي کي طاقت جي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي.

رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 9 هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪانفرنس جو حصو بنجڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي. پاڪستان افغانستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ئي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪاوشن ۾ ڀائيوار آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي اسان کي ڳڻتي آهي ۽ افغان مسئلي  کي طاقت جي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. هن وقت افغان امن عمل اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته امن جي قيام لاءِ افغان عوام وٽ تاريخي موقعو آهي ۽ پاڪستان افغان امن ڳالهيون جاري رکڻ ۾  اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڪورونا بابت ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪورونا سبب معيشت به متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ڇو ته ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ فوتگيون ٿي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔