حفيظ شيخ فارغ، حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: : وفاقي وزير حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان  ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

رپورٽ موجب ڪابينه ڊويزن وفاقي وزير روينيو حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ حفيظ شيخ ناڻي واري وزارت تان فارغ ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن حفيظ شيخ کان ناڻي واري وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي اها ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ان حوالي سان حڪومتي ترجمان ۽ اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو هو ته وزيراعظم عمران خان نئين ٽيم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن فنانس جي نئين ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

شبلي فراز ٻڌايو ته ملڪ جي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪيا ويندا آهن. حماد اظهر هاڻ فنانس ٽيم جي سربراهي ڪندو. غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻو آهي، جڏهن ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي ته نئين سوچ سان گڏ ايندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔