ڪورونا وائرس: لاهور جي وڌيڪ چاليهه علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون

لاهور: لاهور ۾ ڪورونا وائرس جون تباهيون جاري آهن ۽ پابندين سبب شهرين جون زندگيون مفلوج بڻجي ويون آهن.

ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صحت کاتي جي هدايتن تي وڌيڪ 40 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو. سمورين هوٽلن، فاسٽ فوڊ پوائنٽس ۽ فوڊ اسٽالز تان کاڌو صرف پارسل ڪري کڻي وڃي سگهبو. هوٽلن جي اندر ۽ اوپن سروس تي پابندي آهي.

ڪورونا وائرس جي شدت سبب شادي جون تقريبون، رانديون، ثقافتي، سماجي ۽ تفريحي تقريبن تي پهرين اپريل کان 11 اپريل تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ميٽرو بس ۽  اورنج لائن ٽرين سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهندي. ڪاوباري ۽ واپاري مرڪز به شام ڇهين وڳي تائين کليل رهندا ۽ ڇنڇر آچر تي بند رهندا.

جنرل اسٽورز، ميڊيڪل اسٽورز، پيٽرول پمپس سميت ڀاڄي، فروٽ ۽ گوشت جي دڪانن سميت ضرورت وارين شين جا مرڪز کليل رهندا. ضلعي انتظاميه ۽ پوليس ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ حرڪت ۾ آهن. ماسڪ نه پائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔