ستن سالن جو ٻار فٽبال تي ڪمال جي مهارت رکندڙ

لنڊن: فٽبال ۾ ميرا ڊونا، رونالڊو، ميسي، صالح ۽ ٻين اسٽارز جي فٽبال ۾ مهارت ڏٺي هوندي پر اهڙي مهارت 7 سالن جي نينگر ڏيکاري ته ڪير به يقين نه ڪندو پرهو واقعي فٽبال تي مهارت رکي ٿو.
ايران جي 7 سالن جي ارات حسيني جيڪو هن وقت لنڊن ۾ رهي ٿو فٽبال کيڏڻ دوران سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ارات حسيني اڄڪلهه ليورپول اڪيڊمي ۾ ٽريننگ حاصل ڪري رهيو آهي، هو بارسلونا پاران کيڏندي ليونل ميسي وانگي فٽبالر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو.
ارات جي ڪوچ جو چوڻ آهي ته ارات حسيني جي ڄنگهن جي موومينٽ ۽ ان عمر ۾ فٽبال تي ضابطو نهايت شاندار آهي، هو اڳتي هلي دنيا جو بهترين فٽبالر جي صلاحيت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔