ايشيائي ماڻهن تي تشدد خلاف سٺ آمريڪي شهرن ۾ احتجاج

واشنگٽن: آمريڪا ۾ ايشيائين ماڻهن خلاف وڌندڙ تشدد وارين ڪاررواين تي لاس اينجلس،شڪاگو ۽ فرانسسڪو سميت 60 ملڪن ۾ هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو.
ميڊيا رپورٽ موجب تقريبن ٻه هفتا اڳ رياست جارجيا جي شهر اٽلانٽا ۾ 3 مساج پارلرز ۾ فائرنگ سان عورتن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا هئا، انهن واقعن خلاف مظاهرين نيويارڪ ۽ واشنگٽن سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيو ڇو ته آمريڪا ۾ ايشيائي ماڻهن خلاف حملن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي.
آمريڪا ۾ آن لائن هراسان ڪرڻ جا واقعا به 6 سيڪڙو وڌي ويا آهن، احتجاج جي انتظام ڪارن ايشيائي رهاڪن خلاف احتجاج جو سبب آمريڪا ۽ چين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي قرار ڏنو جنهن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔