چيني پرڏيهي وزير جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض:سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير شهزاد فيصل بن فرحان، مملڪتي وزير ۽ ڪابينا جو ميمبر ڊاڪٽر مساعد العيبان به موجود هئا.
ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ چين وچ ۾ سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ سميت دلچسپي جي مختلف معاملن تي گفتگو ڪئي وئي، جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ تازين اڳڀراين جو جائزو ورتو ويو.
ملاقات دوران چيني پرڏيهي وزير سعودي ولي عهد کي چيني صدر شي جن پنگ جو نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي وارو پيغام ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔