ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا جي نئين لهر، رانديگرن ۾ ڳڻتي

لاهور:ڏکڻ آفريقا ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي حوالي سان رانديگرن ۾ ڳڻتي جي لهر موجود آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ”اي“، ”بي“ ۽ ”سي“ ڪيٽيگري ۾ ڏکڻ آفريقا، برازيل، ڪولمبيا، بوٽسوانا ۽ ٻين سميت 12 ملڪ شامل آهن.
انهن ملڪن ۾ موجود ڪورونا وائرس جي ڏکڻ آفريقي ۽ برازيلين قسم کي ڪافي خطرناڪ قرار ڏيندي اتان جي مسافرن جي اچڻ تي مڪمل پابندي هئين وئي آهي، پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو به واپس نٿا اچي سگهن.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڏکڻ آفريقا جي ڪنهن به مسافر کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ناهي، ٻئي طرف پاڪستاني ٽيم 3 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏڻ وڃي رهي آهي، اسڪواڊ 26 مارچ کان لاهور سڌيءَ ريت جوهانسبرگ روانو ٿيندو، ڏکڻ آفريقا کانپوءِ زمباوي به آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔