وفاق وٽ 3 وڏيون اسپتالون هلائڻ لاءِ وسيلا ئي موجود نه آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: وفاق وٽ 3 وڏيون اسپتالون هلائڻ لاءِ وسيلا ئي موجود نه آهن، اسپتالن جو ڪنٽرول وفاق ڏانهن منتقل نه ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ بدران کسي رهي آهي، وفاقي حڪومت ڪورونا جي حالتن ۾ به عوام کي تنگ ڪرڻ کان نٿي مُڙي، جناح اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ سنڌ سوڌو سڄي ملڪ مان مريض علاج لاءِ ايندا آهن، ٽئي اسپتالون وفاق حوالي ٿيون ته اُهي مريض رُلي ويندا، وفاق اسپتالون هلائڻ لاءِ گورننگ باڊي ڇوڙي ڇڏي آهي، اسپتالون نه هلڻ سان اسلام آباد ويٺل سيڪريٽري هيلٿ تي فرق نه پوندو، عام شهرين جي جي علاج تي فرق پوندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت طرفان عوام کي 290 ارب رُپين جو چونو لڳايو ويو، وزيراعظم جي منظوري سان صدر جي آرڊيننس فيڪٽري ڌڙا ڌڙ هلي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔