ميڪسيڪو ۾ پوليس جي قافلي تي حملو، تيرهن ڄڻا اجل جو شڪار

ميڪسيڪو: اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ پوليس قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ 13 اهلڪار مارجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ پوليس قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ 13 اهلڪار مارجي ويا، حملو ان وقت ٿيو جڏهن پوليس جو قافلو گشت ڪري رهيو هو جڏهن ته جنهن علائقي ۾ حملو ڪيو ويو اتي هٿياربند گروپن ۽ ڏوهاري عنصرن پنهنجا اڏا قائم ڪري ڇڏيا آهن.
پوليس قافلي تي حملي کانپوءِ ميڪسيڪو نيشنل گارڊ ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جي وڏي انگ کي گهرائي وڏي پيماني تي حملو ڪندڙن جي ڳولا ڪاڻ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ميڪسيڪو جي سيڪيورٽي بابت وزير جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ حملو ڪندڙن کي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔