گيلاني جا جيڪي 7 ووٽ رد ٿيا، پي ڊي ايم کي اُنهن تي اڳواٽ ئي شڪ هو: ذريعا

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ٿيڻ واري معاملي پويان ڪهاڻيءَ جو ڪجهه حصو منظرعام تي اچي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته يوسف رضا گيلاني جا جيڪي 7 ووٽ رد ٿيا، پي ڊي ايم قيادت کي اُنهن تي اڳواٽ ئي شڪ هو، پي ڊي ايم قيادت طرفان شڪي سينيٽرز کي گيلانيءَ جي نالي مٿان مهر لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ته جيئن پڪ ٿئي ته اُنهن گيلاني کي ئي ووٽ ڏنو آهي، قيادت جي هدايت تي 7 سينيٽرز يوسف رضا گيلانيءَ جي نالي تي ڄاڻِي واڻي مُهَر لڳائي، سينيٽ چيئرمين جي چونڊ دنگل ۾ حڪومتي اُميدوار صادق سنجراني ڪامياب ٿيو هو، پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر حسين شاهه بيلٽ پيپر تي باڪس بدران گيلانيءَ جي نالي مٿان ٺپو لڳائڻ جي بُنياد تي 7 ووٽ رد ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔