پنجاب ۾ برطانيا کان آيل نئون وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو

لاهور/پشاور: پنجاب ۾ برطانيا کان آيل نئون وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، لاهور، ملتان، فيصل آباد، گجرانوالا ۽ سرگوڌا ۾ برطانوي وائرس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، لاهور سوڌو پنج ضلعن کي هاءِ رِسڪ قرار ڏنو ويو، انتظاميه پاران 5 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن ضلعن ۾ اڄ رات کان 15 ڏينهن لاءِ سخت ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليمي ادارن، پارڪس، انڊور شادي هالز ۽ رش وارين سرگرمين تي پابندي هوندي، پنجاب سرڪار جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس ۽ سرڪاري توڙي نجي آفيسرز بند رکيون وينديون، ٻئي طرف ڪي پي جي گادي واري شهر پشاور ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي وڌيڪ ڪيسز وارن علائقن ۾ اڄ کان مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔