رانديگرن ۽ اسٽاف جون ڪورونا ٽيسٽون منفي اچي ويون

لاهور: نيشنل هاءِ پرفارمينس سينٽر ۾ موجود رانديگرن، ڪوچز ۽ اسٽاف جون رپورٽون منفي آيون.
مجموعي طور 69 ماڻهن جون ڪورونا جون ٽيسٽون ڪرايون ويون جيڪي سموريون نيگيٽو آهن، رپورٽون اچڻ کانپوءِ لاهور کان ٻاهر ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽرز کي پنهنجي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، لاهور جا ڪرڪيٽر ۽ اسٽاف جا ميمبر پهريان ئي پنهنجن گهرن ۾ موجود آهن.
پي سي بي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ ڪيس ٿيڻ بعد سينٽر ۾ موجود سڀني جي ٽيسٽ ڪئي وئي هئي، ٻئي طرف قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪم ڪندڙ سموري اسٽاف جون ٽيسٽون سڀاڻي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔