ڪراچي ۾ بقائي اسپتال ڀرسان فيڪٽري جي گودام کي باهه لڳي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ بقائي اسپتال ويجهو فيڪٽري جي گودام کي باهه لڳي وئي، جنهن تي لڳاتار ڪوششن بعد ضابطو آندو ويو. گڏاپ واري علائقي ۾ قائم بقائي اسپتال جي ڀر ۾ موجود فئڪٽري جي گودام کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته گودام کي باهه لڳڻ جي اطلاع تي ٻن فائر ٽينڊر موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو. هوڏانهن رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته فيڪٽري جي گودام کي باهه لڳڻ جي اطلاع بعد واقعي واري هنڌ کي سيل ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب امدادي ٽيمن سان گڏ رينجرز جي جوانن پڻ گودام کي لڳل باهه وسائڻ واري عمل ۾حصو ورتو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔