اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل فيصل واوڊا جو حلفي بيان بادي النظر ۾ ڪوڙو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس عامر فاروق 13 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  فيصل واوڊا مختلف سببن سان معاملي کي ڊيگهه ڏني ۽ جواب داخل نه ڪرائي ڪيس دير ۾ دير ڪئي، فيصل واوڊا 11 جون تي اليڪشن ڪميشن آڏو ٻٽي شهريت نه رکڻ جو حلف نامو جمع ڪرايو، جڏهن ته کيس امريڪي شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ 25 جون تي جاري ٿيو، اليڪشن ڪميشن معاملي جي جاچ ڪري مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔