سنڌ ۾ ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ڪئي وئي: سعيد آفريدي جو وزيراعظم کي خط

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ سعيد آفريدي وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ کي اليڪشن ڪميشن ۽ سڪيورٽي ادارن خلاف خط لکي چيو آهي ته سنڌ ۾ ننڍي چونڊ دوران سرڪاري مشينري استعمال ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي، آگاهي ڏيڻ باوجود لاڳاپيل ادارن اسان جي هڪ به نه ٻڌي، سنڌ حڪومت انتقامي ڪارروائي ڪندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، سنڌ پوليس حڪومت جي سياسي انتقام ۾ برابر جي شريڪ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ سعيد آفريدي اليڪشن ڪميشن ۽ سڪيورٽي ادارن خلاف وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ کي خط لکيو آهي. سعيد آفريدي خط ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ننڍي چونڊ دوران سرڪاري مشينري استعمال ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي، آگاهي ڏيڻ باوجود لاڳاپيل ادارن اسان جي هڪ به نه ٻڌي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ، سنڌ حڪومت انتقامي ڪارروائي ڪندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، سنڌ پوليس سنڌ حڪومت جي سياسي انتقام ۾ برابر جي شريڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔