سينيٽ چونڊن کان اڳ سياستدانن کي خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي: عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن کان اڳ سياستدانن کي خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي، هي 30 سالن کان ٿي رهيو آهي،ماضي ۾ ڪرپٽ ماڻهن صرف پئسو چوري نه ڪيو، پر اخلاقيات به تباهه ڪئي وئي. غازي بڙوٿا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته سياستدانن کي خريدڻ لاءِ قيمتون لڳي رهيون آهن،اپوزيشن چوي ٿي ته ڳجهي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي،سڀ ته وڪرو ناهن ٿيندا پر ڪيترائي وڪرو ٿيندا آهن. هن چيو ته سياستدان لنڊن ۾ ويهي شاهاڻي زندگي گذاري رهيا آهن،راندين لاءِ نوجوانن کي ميدان ڏيڻ پهرين ترجيح آهي. عمران خان چيو ته وڻ اسان جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو ضروري آهن،10بلين ٽري سونامي لاءِ مختص جڳهه ڏسي خوشي ٿي،گرين هائوس گئس سبب دنيا ۾ موسم تبديل پئي ٿئي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 ارب ٻوٽا پوکڻا پوندا،وڻن جي حفاظت ڪريو، ميدان اسان ٺاهي ڏينداسين…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔