فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ وارين وضاحتن جي ضرورت ڇو پئجي وئي: فضل الرحمان

ٺٽو: جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ واريون وضاحتون ڏيڻ جي ضرورت ڇو پئي.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جامعه اسلاميه ٺٽه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سياست ۾ نه گهلڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جي باري ۾ اهو تاثر ڇو آهي ته هو سياست ۾ مداخلت ڪندا آهن. اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪرائيندا آهن ۽ ڌانڌلين جي بنياد تي هڪ ناجائز حڪومت قوم مٿان مڙهي وئي آهي. ان جو جائزو هنن کي پاڻ وٺڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو ان سلسلي کي ڪڏهن ختم ڪندا.

ان وضاحت جي انهن کي ضرورت ڇو پئجي وئي آهي. فضل الرحمان چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي. اسان ادارن جوا حترام ڪريون ٿا ۽ ادارن سان اسان جو ڪوبه جهيڙو ناهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.  مولانا فضل الرحمان  چيو ته جنهن حڪومت کي عوام جي پٺڀرائي حاصل نه هجي اها ڪڏهن به حڪومت نٿي ڪري سگهي ڇو ته انهن وٽ صلاحيت نه هوندي آهي.

نااهل حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته انهن کي عوام جي پٺڀرائي حاصل ناهي. هن حڪومت قوم کي ڪجهه ناهي ڏنو. اسان احتجاج جي طور تي لانگ مارچ ۾ اهو موقف کڻي وڃي رهيا آهيون ته هي حڪومت ناجائز ۽ نااهل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔