نيب پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر کي ڪلين چِٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي : نيب پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر کي ڪلين چِٽ ڏئي ڇڏي، نيب پراسيڪيوٽر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي محمد بخش مهر خلاف جاچ بند ڪرڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته محمد بخش مهر خلاف انڪوائري ختم ڪرڻ وارو معاملو هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين جو جواب اچڻ تائين مهلت ڏني وڃي، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، پ پ ايم پي اي جي عبوري ضمانت ۾ به 11 مارچ تائين واڌ  ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔