ڪي ٽو جبل جي چوٽي پار ڪرڻ دوران جبل چاڙهو علي سد پارا جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج پاران ريسڪيو آپريشن جاري

ڪراچي : ڪي ٽو جبل جي چوٽي پار ڪرڻ دوران ٻن پرڏيهي ساٿين سميت گم ٿي ويل جبل چاڙهو علي سد پارا جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج پاران ريسڪيو آپريشن جاري آهي،ڪي ٽو تي گم ٿيل جبل چاڙهَن جي ڳولا لاءِ فضائي سرچ آپريشن جاري آهي،  موسم خراب هئڻ سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش، ڪي ٽي سر ڪرڻ جِي مهم دوران  علي سد پاره ۽ سندس پرڏيهي ساٿي 5 فيبروري کان گم آهن.علي سد پارا جي گم ٿيڻ تي جتي سندس مداح غم ۾ ورتل آهن، اتي سياسي شخصيتن پاران به سندس سلامتي سان واپسي لاءِ دعا جون اپيلون ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔