پاڪستان پنڊي ٽيسٽ کٽي ڏکڻ آفريڪا کي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حسن علي ۽ شاهين آفريدي جي شاندار بالنگ جي ڪري پاڪستان ڏکڻ آفريڪا  کي پنڊي ٽيسٽ ۾ 98 رنسن تان هارائي ٻن مئچن جي سيريز ۾ وائٽ واش مڪمل ڪري ڇڏيو.

راند جي آخري ڏينهن ڏکڻ آفريڪا پنهنجي ٻي اڻ مڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته ايڊن مارڪرم 59 ۽ وين ڊر ڊائوسن 48 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيا هئا .

حسن علي 127 رنسن جي مجموعي تي اڳ ۾ ڊائوسن کي آئوٽ ڪيو ۽ پوءِ فاف ڊوپليسي کي به 135 رنسن تي پويلين موڪلي ڇڏيو.

ڏسڻ آفريڪا جي پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ 274 تي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙِي ريت پاڪستان ميچ 98 رنسن تائين کٽي ورتو .

پاڪستان پاران حسن علي 5 جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 4 ۽ ياسر شاهه هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔