اپوزيشن سينيٽ چونڊن بابت آئيني ترميم جِي مخالفت ڪري پاڻ کي وائکو ڪري ڇڏيو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ معاملي تي اپوزيشن کي بي نقاب ڪرڻو آهي، سموري معلومات پڌري ڪيو ته ڪنهن ڪنهن عوام جي ناڻي کي لٽيو، اپوزيشن سينيٽ چونڊن بابت آئيني ترميم جِي مخالفت ڪري پاڻ کي وائکو ڪري ڇڏيو، اپوزيشن هارس ٽريڊنگ ذريعي سينيٽ ۾ وڌيڪ سيٽس کٽڻ گهري ٿي، اپوزيشن پارٽيز کي مختلف ملڪن ۽ شخصيتن غيرقانوني طور فنڊنگ ڏني، وٽن پنهنجي پرڏيهي فنڊنگ جو رڪارڊ به نه آهي، پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ به اليڪشن ڪميشن آڏو اپوزيشن وائکي ٿي ويندي، پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي، حڪومت کي پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو نه آهي، حڪومتي ترجمانن ۽ اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن قبصا مافيا جي پٺڀرائي ڪئي، پنجاب ۾ آپريشن خلاف رڙين مان ثابت ٿيو ته قبضا مافيا نواز ليگ جي اي ٽي ايم بڻيل آهي، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان کي به ڦاسائي ڇڏيو، پي ڊي ايم پنهنجي موت پاڻ مري ويو، جنهن جو بيانيو نه هجي اها تحريڪ ختم ٿي ويندي آهي، حڪومت پاران قبضا مافيا اسيمبلي ميمبرن جا تفصيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ڏيڻ جو فيصلو، قبضا مافيا کي نه ڇڏبو، اجلاس ۾ قبضا مافيا، پرڏيهي فنڊنگ ۽ پي ڊي ايم جي بيانيئي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔