جيڪو وڌيڪ ضرورتمند آهي ان کي پهريان ڪورونا ويڪسين ڏيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪو وڌيڪ ضرورتمند آهي ان  کي اڳ ۾ ڪورونا ويڪسين ڏيڻ گهرجي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته چين پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين تحفي طور موڪلي آهي پر اسان کي ڪورونا ويڪسين وڌيڪ گهربل آهي. فيبروري جي آخر تائين ڪورونا جا 11 لک ڊوز گهربل هوندا. اميد آهي ته ويڪسين جي وڌيڪ کيپ جلد پهچي ويندي.

هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پهرين فرنٽ لائن ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين ڏيون. ڪورونا ويڪسين جي ڊوزن لاءِ رجسٽريشن جو آسان طريقيڪار آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته صحت واري وزارت جي ويڪسين لاءِ ديانتدارانه سسٽم ٺاهڻ گهرجي. ڇو ته اسان جي معاشري ۾ لائن ٽوڙڻ جي عادت آهي.

اسان کي پهريان انهن ماڻهن کي ويڪسين ڏيڻ گهرجي جيڪي آساني سان وائرس جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان ۾ بيمار ماڻهو ۽ بزرگ شامل آهن جڏهن ته جيڪي ضرورتمند آهن پوءِ چاهي اهو وي آءِ پي هجي يا ڪو ٻيو جيڪو وڌيڪ ضرورتمند آهي ان کي ويڪسين ڏيڻ گهرجي. ان معيار کان اڳيان وڌڻ تي آساني ٿيندي ۽ اسان تي آڱريون به گهٽ کڄنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔