مداحن ناراض ٿي ماهره کي ڀارت وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سپر اسٽار ماهره خان جو ڳاڻيٽو سرحد پار مشهوري ماڻڻ وارين اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ڀارتي اسٽار شاهه رخ خان سان به ڪم ڪري اسڪرين تي نالو چمڪايو.
اداڪاره ماهره خان 2017 ۾ شاهه رخ خان سان فلم رئيس ۾ ان جي زال جي ڪردار ۾ ڪم ڪيو جنهن کي هوءَ اڄ تائين ياد ڪندي رهي ٿي.
اداڪاره پنهنجي انٽرويو ۾ بالي ووڊ ۽ شاهه رخ سان ڪم جي حوالي سان اڪثر ذڪر ڪندي رهي ٿي پر هن ڀيري ماهره پاران شاهه رخ جي ذڪر تي مداح ڪافي ناراض ڏسڻ ۾ آيا ۽ کيس ان معاملي تي تنقيد جو نشانو بڻايو.
مداحن جو خيال آهي ته ماهره خان شاهه رخ جي جنون ۾ مبتلا آهي جيڪو اداڪاره موجب سچ آهي.
سوشل ميڊيا صارفن موجب هر ٻئين انٽرويو ۾ شاهه رخ جو ذڪر بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم جي خواهش جي ڪري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔