هڪ ڀاڳيلو ليڊر لنڊن ۾ ويهي انقلاب آڻڻ گهري ٿو: وزيراعظم

ساهيوال: پي ڊي ايم کي ناڪام ٿيڻو ئي هو، سڀ لُٽيرا ملي مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا هئا، هڪ ڀاڳيلو ليڊر لنڊن ۾ ويهي انقلاب آڻڻ گهري ٿو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فضل الرحمان ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي، کيس مولانا ڪوٺڻ به عالمن جِي توهين آهي، فضل الرحمان مدرسن جَي ٻارن کي استعمال ڪري ارب پتي بڻيو، هو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيو آهي، پاڻ کي مستقبل جِي ليڊر قرار ڏيندڙ مريم نواز به قبضا مافيا جِي پٺڀرائي ڪري رهي هئي، ساهيوال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ حڪومت کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ڦاسي پيا آهن، اسان اليڪشن ڪميشن ۾ 40 هزار اڪائونٽس جِي ڊيٽا پيش ڪري ڇڏي آهي، چئلينج ڪريان ٿو ته اپوزيشن پارٽيز هڪ هزار اڪائونٽس جا به تفصيل نه ڏئي سگهنديون، مون ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ نه پڙهي آهي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔