سنڌ حڪومت پاران اربع کان ڪرونا ويڪسين لڳائڻ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت اربع کان ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شروعات ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڀ کان پهريان ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته هي ويڪسين چين پاران وفاق کي ڏنل پنج لک ڊوز مان لڳائي ويندي، ويڪسين لاءِ سنڌ جي صحت کاتي پاران پيسا رکيا ويا آهن، ان بابت وڏي وزير وفاق کي خط لکيو آهي ته ويڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو آهي ته هڪ ڪمپني پاران ملڪ جي 20 سيڪڙو آبادي لاءِ بويڪسين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، شروعات ۾ ڏهن ضلعن ۾ هي ويڪسين لڳائي ويندي جنهن لاءِ سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي ويندي، ناصر شاهه چيو آهي ته ڪجهه ڊونر ايجنسين پاران سنڌ کي ويڪسين فراهم ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت طرفان خط لکڻ باوجود وفاق اڃا ويڪسين گهرائڻ جي اجازت ناهي ڏني، پهرين فيز ۾ چين کان مليل پنج لک ڊوز مان 82 هزار ڊوز سنڌ کي ملندا، ناصر شاهه چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ماضي ۾ جڏهن به رپورٽ ايندي هئي ته عمران خان ان کي لوڏي ڏيکاريندو هو، موجوده دور ۾ ان رپورٽ کي ڪير مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ وفاقي وزير چون ٿا ته ان جو اردو ۾ ترجمو ڪرايو وڃي ته مطلب ٻيو نڪرندو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔