آرمي چيف پاران قطر جو دورو، بچاءَ ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي ڳالهيون

راولپنڊي: آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه ٻن ڏينهن جي دوري تي هن وقت قطر ۾ آهي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوهه ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ قطر پهتو، آرمي چيف احمد بن محمد ملٽري ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو مشاهدو ڪيو ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽ جي تربيتي معيار جي تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جون قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سميت عسڪري قيادت سان به ملاقات ٿيون، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، دفاعي سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات دوران علاقائي جيوپوليٽيڪل صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.

آءِ ايس پي آر موجب قطري قيادت پاران گڏيل اسٽريٽجڪ نوعيت جي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جو عزم ڪيو، ملاقات ۾ هٿياربند فوج وچ ۾ دفاعي سهڪار۽ لاڳاپن تي اطمينان جي اظهار سان گڏ ٻنهي طرفن کان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وسعت جي اهميت تي زور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔