ڪراچي جي قصبا ڪالوني ۾ رينجرز ڪارروائي، ڦر جَي وارداتن ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڪراچي جي قصبا ڪالوني ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڦر جَي وارداتن ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن 29 ڊسمبر تي قصبا ڪالوني ۾ دڪان مان ڦر ڪئي هئي. ترجمان موجب رينجرز ۽ پوليس جي انٽيلي جنس معلومات تي ڪارروائي ڪئي وئي،  گرفتار جوابدارن ۾ مصطفيٰ خان ۽ عمران عرف مراد شامل آهن، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار 2 مهينن ۾ 5 وارداتون ڪرڻ جو اعراف ڪيو آهي، رينجرز ترجمان موجب جوابدارن شهرين کان 80 هزار کان وڌيڪ موبائل فونز ڦر ڪيا، جوابدار مصطفيٰ خان هن کان اڳ به جيل وڃي چڪو آهي، جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي، قانوني ڪارروائي لاءِ کين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔