حمزه شريف سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزه شريف سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزه شريف سپريم ڪورٽ مان پنهنجي ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

ان کان پهريان ٻڌڻي دوران جسٽس سردار طارق چيو ته حمزه شريف درخواست واپس وٺندو يا پيروي ڪرڻ چاهيندو؟ حارڊشپ جي بنياد تي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ئي ناهي، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جيڪو نقطو هاءِ ڪورٽ ۾ نه ورتو ويو اهو سپريم ڪورٽ ۾ سڌيءَ ريت نٿو کڻي سگهجي، احتساب عدالت جي رپورٽ کانپوءِ مناسب ٿيندو ته هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.

حمزه شريف جي وڪيل چيو ته ڪنهن کي اڻ ڄاتل مدي تائين حراست ۾ نٿو رکي سگهجي، ضمانت لاءِ رابطو ڪيو ته حمزه شريف خلاف ريفرنس داخل نه ٿيو هو، الزام 7 ارب رپين جو هو، ريفرنس 23 ڪروڙن جو داخل ٿيو، ريفرنس فائل ٿيڻ کانپو ڪيس بهتر ٿي ويو آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔