پي سي بي چيئرمين هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو.
پي سي بي طرفان احسان ماني جي خرچن بابت جاري ڪيل تفصيلن موجب هن 6 مهينن ۾ 57 لک 6 هزار 171 رپيا خرچ ڪيا.
دستاويزن موجب احسان ماني هر مهيني سراسري طور 9 لک 51 هزار رپيا خرچ ڪيا، هن رهائش جي مد ۾ 22 لک 2 هزار رپين کان وڌيڪ، جڏهن ته گاڏي ۽ ڊرائيور جي مد ۾ 2 لک 29 هزار رپين کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪيا.
پي سي بي چيئرمين علاج لاءِ 81 هزار 800 رپيا خرچ ڪيا ۽ پرڏيهي دورن تي 11 لک 85 هزار 600 رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي.
احسان ماني جي اندرين ملڪ سفر تي 9 لک 67 هزار رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي، جڏهن ته سيڪيورٽي ۽ ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 3 لک 49 هزار رپيا خرچ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔