پ پ پنجاب جي ضمني چونڊن ۾(ن) ليگي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پيپلز پارٽي پنجاب ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ قمرزمان ڪائره چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ٻنهي سيٽن اين اي 75 ۽ پ پ 51 تي مسلم ليگ(ن) جي اميدوارن جي حمايت ڪندي.

قمرزمان ڪائره جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان هن ڪٺ پتلي حڪومت جو هر قدم تي مقابلو ڪنداسين.

ان کان اڳ مسلم ليگ(ن) سنڌ جي ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔