هڪ ته غريبن جا پيسا کائن، وري جاچ ۾ به شامل نٿا ٿين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ذريعي قومي ناڻي مان پوڻا 3 ارب روپيا ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ اعجاز ڏاوڇ سوڌو 5 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اعجاز ڏاوڇ سوڌو ٻين جوابدارن کي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جوابدار جاچ ۾ تعاون نه پيا ڪن، نه ئي انڪوائري ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جنهن تي عدالت جاچ ۾ تعاون نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جوابدارن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسان جوابدارن کي جيل موڪليون، هڪ ته هي غريب ماڻهن جا پيسا کائن مٿان کان جاچ ۾ شامل نه ٿي رهيا آهن. جسٽس اقبال ڪلهوڙو جوابدارن کي اڄ ئي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي نيب کي جوابدارن کان جاچ ڪري اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن جعلي اڪائونٽس مان پينشن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا موڪلي ڪرپشن ڪئي آهي، نيب طرفان ڪراچي، ڄامشورو، دادو، جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪال اپ نوٽيس به جاري ڪيا ويا هئا. نيب چيو آهي ته پوڻا 3 ارب روپين جي جعلي پينشن جي مد ۾ جعلي نالن تي اڪائونٽ ٺاهي پيسا منتقل ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ جعلي اڪائونٽس ضلعي دادو جي رهواسين جي نالن تي آهن. عدالت اعجاز ڏاوڇ، اختر کهيڙو، اياز علي ۽ محمد علي ڏاوڇ سوڌو 5 جوابدارن جي ضمانت ۾ 25 فيبروري تائين واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔