روز نئون اسڪينڊل اچي ٿو، اهڙو ڪرپٽ ٽولو تاريخ ۾ نه آيو: مريم اورنگزيب

لاهور: نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪمرانن جو روزانو نئون اسڪينڊل سامهون اچي رهيو آهي، اهڙو ڪرپٽ ٽولو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آيو، پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ مُک جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، هاڻي اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته جوابدارن کي جلد سزا ڏئي. لاهور ۾ نيب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ڪِري چڪي آهي، قومي ناڻي کان ڪميشن گهرندي پڪڙجي پيا، کنڊ، اٽو سڀ چوري ڪرائي وئي، نااهل ٽولو ملڪ تي قابض آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔