منهنجي خلاف لنڊن مان خبرشايع ڪرائي پاڪستان کي بدنام ڪيو ويو: شهباز شريف

لاهور : منهنجي خلاف لنڊن مان خبر شايع ڪرائي پاڪستان کي بدنام ڪيو ويو، خبر ڇپرائيندڙ جو نالو نه وٺندس، برطانيا ۾ به ٿيل جاچ دوران ڪرپشن ثابت نه ٿي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو لاهور جون احتساب عدالت ۾ ڳالهيون، مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس تي ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته نيب وارا قيامت تائين مون خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نٿا ڪري سگهن، عدالت ۾ نيب  جي شاهد ايف بي آر جي ملازم جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔