وفاقي حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس ساڳئي ڏينهن طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس ساڳئي ڏينهن طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 22 جنوري جمعي تي صبح 10 وڳي سينيٽ ۽ ساڍا 10 وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو. وزيراعظم سان ملاقات بعد پارلياماني صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ لاءِ وزيراعظم سان مشاورت ٿي آهي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس 22 جنوري جمعي تي طلب ڪيا ويا آهن. بابر اعواڻ چيو آهي ته مرحوم پي ڊي ايم رستن تي رد ٿي وئي، پي ڊي ايم جو احتجاجي سياست وارو بيانيو پوري قوم جي سامهون ناڪام ٿي ويو، هاڻي کين پارليامينٽ ۾ واپس اچي ڪري انتشار جي بجاءِ عملي ۽ عوامي خدمت لاءِ ايوان ۾ ڪردار ادا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔