نيب عرفان منگي سوڌو 7 ڊي جيز کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور : نيب عرفان منگي سوڌو 7 ڊي جيز کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر جي سربراهي ۾ پروموشن بورڊ جي اجلاس دوران ڊي جيز کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ڊي جي لاهور رٽائرڊ ميجر شهزاد سليم، ڊي جي نيب سکر عرفان بيگ، ڊي جي نيب ملتان عتيق چوڌري، ڊي جي ٽريننگ سلطان سليم ۽ ڊي جي هيڊڪوارٽر فياض قريشي کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي، نيب طرفان جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا به امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔