سينيٽ چونڊون: تحريڪ انصاف لاءِ(ق) ليگ جا ميمبراهميت اختيارڪري ويا

اسلام آباد: ايندڙ مهيني ٿيندڙ سينيٽ چونڊون ۽ ايوان ۾ پنهنجو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آڻڻ جي لاءِ(ق) ليگ جا اسيمبلي ميمبر اهميت اختيار ڪري ويا آهن. رپورٽ موجب ايندڙ مهيني 48 سينيٽرز پنهنجو مدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويندا. انهن جي جڳهه نون سينيٽرن جي چونڊ ٿيندي.

تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي جيان سينيٽ ۾ به پنهنجي اڪثريت قائم ڪرڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم(ق) ليگ ۽ بي اي پي سان پردي پٺيان ڳالهيون هلندڙ آهن. سينيٽ چونڊن جي حوالي سان مسلم ليگ(ق) جي صوبائي ميمبرن جا ووٽ انتهائي اهميت اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته (ق) ليگ طرفان به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڏي اعلان جو امڪان آهي.

ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سينيٽ جي چيئرمين شپ جي لاءِ صادق سنجراڻي جي نالي تي اتفاق جي صورت ۾ ڊپٽي چيئرمين تحريڪ انصاف جو هوندو ۽ ان جي لاءِ سينيٽر مرزا محمد آفريدي جو نالو ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ غور هيٺ آهي. ٻئي طرف اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين طرفان به سينيٽ چونڊن تي ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.

سينيٽ چيئرمين جي لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار جو نالو پي ڊي ايم جي سامهون رکندي. جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ مسلم ليگ(ن) يا جي يو آءِ وچ ۾ صلاح مشورا ٿيندا. اتفاق راءِ ٿيڻ جي صورت ۾ گڏيل اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔