ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون, جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي

اسلام آباد: سڄي ملڪ بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني ملڪ ۾ گذريل رات ٿيندڙ بجلي جي بريڪ ڊائون جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان جي جوڙجڪ ايم ڊي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني طرفان ڏني وئي آهي. ترجمان پاور ڊويزن جو به چوڻ آهي ته گڊو ۾ ڇنڇر  جي رات 11 لڳي 41 منٽن تي فني خرابي ٿي جنهن سبب ملڪ جي هاءِ ٽرانسميشن ۾  ٽرپنگ ٿي ۽ سسٽم جي فريڪونسي 50 کان 0 تي اچي وئي.

فريڪوئنسي ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڇنڇر ۽ آچر جي رات ڌاري بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو جنهن سبب سمورو ملڪ اونداهي ۾ ٻڏي ويو. ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ملڪ ۾ اڃان تائين بجلي مڪمل طور تي بحال ناهي ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔