ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 63 ماڻهو فوت ٿي ويا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 63 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي 9 هزار 816 ٿي ويو جڏهن ته پاڪستن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 4 لک 69 هزار 482 ٿي ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 260 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، پنجاب ۾ هڪ لک 35 هزار، 141، سنڌ ۾ 2 لک 9 هزار 429، ڪي پي ۾ 56 هزار 875، بلوچستان ۾ 18 هزار 61، گلگلت بلتستان ۾ 4 هزار 847، اسلام آباد ۾ 36 هزار 981، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 148 ڪيسز سامهون آيا آهن. ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب هن وقت تائين 65 لک 23 هزار 842 مانهن جا نمونا ورتا ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 هزار 909 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت تائين 4 لک 20 هزار 489 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2 هزار 357 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔