ڊينيل پرل قتل ڪيس: جوابدارن جي نظر بندي ڪالعدم قرار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت احمد عمر شيخ سميت 4 جوابدارن کي فوري طور تي جيل مان ازاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته احمد عمر شيخ سميت سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن.

جوابدار بنا ڪنهن ڏوهه جي 18 سالن کان جيل ۾ آهن. عدالت حڪم ڏنو ته جوابدارن کي جڏهن عدالت طلب ڪندي ته هو پيش ٿيندا.

ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 اپريل 2020 تي آمريڪي صحافي جي قتل ۾ نامزد 3 جوابدارن جي ازادي جو حڪم ڏنو هو ۽ هڪ جوابدار اهمد عمر شيخ کي موت جي سزا کي تبديل ڪري 7 سال قيد ۾ تبديل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔