نيب پاران ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد: نيب بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دروان 8 انويسٽيگيشنز ۽ 15 انڪوائريز جي منظوري، بلوچستان جي اڳوڻي گهرو سيڪريٽري اڪرم دُراني خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو آهي ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ بڻائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي، هيل تائين 714 ارب رُپيا واپس ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، نيب چيئرمين طرفان روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔