صومالي وزيراعظم تي خودڪش حملو، پنڌرهن ڄڻا اجل جو شڪار

موغاديشو: صوماليه ۾ وزيراعظم محمد حسين روبلي جي اچڻ کان ٿورو اڳ زوردار بم ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
عالمي خابرو اداري موجب صوماليه جي وزيراعظم کي بم ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويو، خوشقسمتيءَ سان محمد حسين روبلي محفوظ رهيو پر سندس 3 محافظن سميت 15 ڄڻا مارجي ويا.
صومالي سرڪاري نيوز ايجنسي سونا وزيراعظم تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته بم ڌماڪو وزيراعظم جي اچڻ کان ٿورو اڳ ٿيو.
وزيراعظم مٿان خودڪش بم حملي جي ذميواري شدت پسند گروپ الشباب قبول ڪري ورتي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته خودڪش بمبار اسٽيڊيم جي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ناڪامي کانپوءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي اسٽاف جي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔